اشاعتیں

sindhi لیبل والی پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ريولان ٽريڊ مارڪ (نثري نظم) امر گل

تصویر
ريولان ٽريڊ مارڪ           (Revlon Trade Mark ) دراصل هُوءَ ريولان ٽريڊ مارڪ سوشل ورڪر عورت اڳواڻ آهي، عورتن جي حقن جي علمبردار آهي! هوءَ اڪثر فائيو اسٽار هوٽلن جي جرڪندڙ ٿڌن هالن اندر عورت جي حقن جي لاء ٿيندڙ سيمينارن ۾، خوبصورت ۽ جوان بنجڻ جي ڪوشش ۾ ميڪ آپ جو مصالحو ٿڦي آيل هاءِ سوسائٽي جي اوپن ايئر ميوزيم جي مميز Mummies لڳندڙ ماين سامھون عورتن جي مسئلن تي زوردار تقريرون ڪندي آهي، ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏيندي آهي عورتن جي حقن جِي حالتِ زار تي اظھاريندَي هن جو ڳلو ڀرجهي ايندو آهي ۽ هن جي دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندِي آهي (ڇو تہ گليسرين جا لڙڪ مھانگي ميڪ اپ لاءِ نقصانڪار آهن) تقرير کان پوءِ هوءَ دادِ تحسين وصول ڪرَي پنھنجي نئين ماڊل جِي چمڪندڙ ڪار ۾ چڙھِي گهر ڏانھن رواني ٿيندي آهي. شھر جي مصروف چوڪ تي جڏهن سندس ڪار اچي بيھندي آهي تہ ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پاتل ڪا عورت پنھنجي ننگَي ۽ هڙٻاٽيون نڪتل ٻار کي ڪڇ تي کڻِي سندس ڪار وٽ اچي پنھنجي هڏائين آڱر سان ڪار جي بند شيشي تي دستڪ ڏيئي ڪارڙو ڪوجهو هٿ ٽنگيندي آه

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيھون

تصویر
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تشبيھون ۽ استعارا شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري رخ جي اونھائيء تہ بلاشڪ اپرمپار آهي، پر ان جي لساني پھلوءَ جي رنگارنگي، ٻوليءَ جي مھارت، اسلوب جي رڱاوت ۽ لفظي چٽساليءَ جو بہ ڪو جواب ڪونھي. پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن، استعارن ۽  تشبيھن کي جنھن ﮬﻨﺮﻣﻨﺪﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺷﺎﮪ ﻟﻄﻴﻒ پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آندو آهي، اهو انسان جي شاعراڻي ڏات ۽ ڏاھپ جو ڪمال آهي ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي پنھنجي هڪ مضمون "شاھ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ڪﻼﻡ ۾ ﺍﺻﻄﻼﺡ ۽ ﭘﮭﺎڪا" ۾ لکيو آهي تہ  "ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﻻﺀِ ﻣﺤﺎﻭﺭا ﻳﺎ ﺍﺻﻄﻼﺡ ﮬﺮﻭﭜﺮﻭ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﻧﺎﮬﻦ، ﭘﺮ ﮬڪ ﺷﻌﻮﺭﻱ ﻗﻠﻤڪﺎﺭ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﺗﺰ ۽ ﻋﻤﺪﻭ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ، ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺯﻳﺒﺎﺋﺘﻮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﭤﻮ . ﺷﺎﮪ ﺳﺎﺋﻴﻦﺀَ ﺑﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ . ﮬﻦ ﺍﺻﻄﻼﺣﻦ ۽ ﭘﮭﺎڪﻦ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﺯﺑﺎﻥ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺷﺎﮬﻮڪﺎﺭ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺁﮬﻲ، ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﻮﻧﮭﻦ ۽ ﺳﮕﮫ ﻋﻄﺎ ڪﺌﻲ ﺁﮬﻲ . ﺷﺎﮪ ﻟﻄﻴﻒ ﻋﺮﺑﻲ، ﻓﺎﺭﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﺷﻨﺎﺱ ﺭﮐﻨﺪﻱ ﺑﻪ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺋﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ  . ﺷﺎﮪ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ڪﻼﻡ ۾ ﻣﺤﺎﻭﺭﻥ ۽ ﺍﺻﻄﻼﺣﻦ ﺟﻮ ڪﺎﻓﻲ ﻣﺎﮬﺮﻳﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ، ڪﻼﻡ ﮐﻲ ﻧﻴﻮﻥ ﻧﻴﻮﻥ ﻣﻌﻨﺎﺋﻮﻥ ﻋﻄﺎ ڪﻴﻮﻥ ﺁﮬﻦ. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ: "ﺷﺎﮪ ﺟﺎ ﮐﻮڙ ﭔﻮﻝ ﺳﻨﮅ -