اي وقت جا حاڪمو.. (عيد جي حوالي سان اصغر مھرائيءَ جو نثري نظم

نثري نظم وقت جا حاڪمو اوهين بہ هاڻ ڄاڻي وٺو.. اصغر مھرائي ـــــــــــــــــــــــــــــ اي وقت جا حاڪمو! منهنجي امير سنڌ جا مسڪين ماروئڙا ڀلا ڪهڙيون عيدون ڪندا جنهن جا ٻچڙا پيڙائن ۾ پيھجي زندگي جا ڏينهن بسر ڪندا هجن، جنهن جي لبن جون مرڪون مرجهائجي ويون هجن، جنهن کي کِل جي ڪا ئي خبر نہ هجي تہ سندن ٽهڪ ڪيڏا نه قيمتي هوندا آهن!؟ جن سان دلين کي دلاسا ملندا هجن، ۽ خوشي واري کِل محبتن جا مچ ٻاري ڇڏيندي هجي تہ زندگي ڪيڏي نہ حسين آهي.... پر سندن مرڪون مهراڻ جي موجن جيان موڪلائي ويون هجن! جنھن جا ننڍپڻ جا وڏا خواب ڏسڻ کان اڳ ئي بکن ختم ڪري ڇڏيا هجن، جن جي بدن تي چَتيون لڳل لڳڙا اوهان جي منھن تي چماٽ هڻندا هجن، تہ اوهان جا لکن جا ويس اوهان جي لکن جي سينٽن عطرن کان اسان جون اڻ پوريون خوشيون ۽ اوهان جي انسان هئڻ تي شرمسار هونديون آهن... اسان جي لڙڪن جون قيمتون اوهان کي ڪهڙي خبر تہ ڪيتريون هونديون آهن، اسان ڌرتي ڌڻي قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي بہ سکن لاءِ سڪندَي ڪيئن پنھنجي جيءَ کي جياري رهيا آهيون؟ اي وقت جا حڪمرانو!