اشاعتیں

sindhi articles لیبل والی پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ڇا ٽيڪنالوجي ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪري ڇڏيندي؟

تصویر
ڇا ٽيڪنالوجي ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪري ڇڏيندي؟
ٽيسلا ڪمپنيءَ جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي تہ هو هڪ اهڙي ٽيڪنالوجيءَ تي ڪم ڪري رھيو آهي، جيڪا ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪرڻ جو سبب بنجي سگهي ٿي.
هن اميد ڏيکاري تہ سندس ڪمپني نيورا لنڪ ايندڙ سال تائين چِپ کي انساني دماغ سان ڳنڍڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندي. بيٽريءَ تي هلندڙ اها چپ انساني کوپڙيءَ ۾  لڳائي ويندي ۽ ان جا اليڪٽروڊز  احتياط سان انساني دماغ ۾ داخل ڪيا ويندا.
مسڪ جو چوڻ هو تہ اھا اوھان جي دماغ ۾ ڪٿي بہ ڪم ڪري سگهي ٿي. ان سان نظر جي ڪمزوريءَ کي بہ ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. ايستائين جو اھا دماغ سان پيش ايندڙ ڪنهن بہ مسئلي کي حل ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ شروعاتي طور تي اهي ڊوائسز دماغي چوٽ يا بيمارين کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ تيار ڪيون وينديون پر ايلون مسڪ مطابق اڳين مرحلي ۾ اهي ان کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي قابل بڻجي وينديون.
سندس چوڻ آهي ته اسان کي ڳالهائڻ لاءِ ٻولين جي ضرورت نہ رهندي، البتہ جذبن جي ترجمانيءَ لاءِ شايد ٻولين جو استعمال جاري رهي. هن چيو تہ مونکي خبر ناهي تہ ٻولين سان ڇا ٿيندو!؟ ان صورت ۾ شايد ميٽرڪس فلم وارو حال هوندو.. جيڪڏهن…

ڪراچي جا قديمي وارث ۽ سنڌ جو مجموعي سياسي رويو

تصویر
ڪراچي جا قديمي وارث ۽ سنڌ جو مجموعي سياسي رويو
ليکڪ:  آدرش ۽ محمد بلوچ ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

هڪڙو منٽ ترسو...

"ڪرانچي ڪسي ڪي باپ ڪي جاگير نھين" جي بڪوات ۽  "ڪراچي سنڌ آ!!!" جي هڪلن کي ٿورڙي دير لاءِ ٻنجهو ڏيو... ساهي پٽيو... گھڻو ڳالھائي چڪا... هاڻ ٿورڙو ٻُڌي بہ وٺو...
ڪيتري وقت کان  ھي مورچا بنديون وقفي وقفي سان ھلنديون ٿيون اچن.. اها ڪا نئين ڳالھ ڪونھي... سال ۾ هڪڙي سيزن ايندي آهي تہ هُتان ڪو ٽرڙو ڇورو لونڊو لپاڙو "ڪرانچي همارا هے" جي هِينگ ڏيندو آهي ۽ سامھون خماريل جوڌا ڇرڪ ڀري جاڳندا آهن... "ڪراچي سنڌ آ...!!!"
سڀ  ان پراڻي PUBG گيم ۾ لڳا پيا آهن... پوءِ اھو ريٽنگ جو بکيو اردو ڳالھائيندڙ صحافي ھجي يا انھن جو تعصب ۾ ٻڏل نالي ڪٺيو دانشور .. يا وري قاضيءَ کان حاجيءَ جو لقب ماڻيل اسان جو ڪو مھا ڏاھو هجي يا واندو ويھي ويھي ڪڪ ٿي پيل قوم پرست...  سڀ پنھنجن پنھنجن مورچن تي بيھي گولي باري ڪري رھيا آھن..
ھن سڄي وايو منڊل ۾ لکن جي انگ ۾  ڪيترين ئي صدين کان هتي رھندڙ اصلوڪن سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائيندڙ ڪراچي واسين کان ڪنھن ڀلجي بہ نہ …