اشاعتیں

Sindhi Poetry Amar Gul سنڌي شاعري امر گل لیبل والی پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ريولان ٽريڊ مارڪ (نثري نظم) امر گل

تصویر
ريولان ٽريڊ مارڪ           (Revlon Trade Mark ) دراصل هُوءَ ريولان ٽريڊ مارڪ سوشل ورڪر عورت اڳواڻ آهي، عورتن جي حقن جي علمبردار آهي! هوءَ اڪثر فائيو اسٽار هوٽلن جي جرڪندڙ ٿڌن هالن اندر عورت جي حقن جي لاء ٿيندڙ سيمينارن ۾، خوبصورت ۽ جوان بنجڻ جي ڪوشش ۾ ميڪ آپ جو مصالحو ٿڦي آيل هاءِ سوسائٽي جي اوپن ايئر ميوزيم جي مميز Mummies لڳندڙ ماين سامھون عورتن جي مسئلن تي زوردار تقريرون ڪندي آهي، ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏيندي آهي عورتن جي حقن جِي حالتِ زار تي اظھاريندَي هن جو ڳلو ڀرجهي ايندو آهي ۽ هن جي دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندِي آهي (ڇو تہ گليسرين جا لڙڪ مھانگي ميڪ اپ لاءِ نقصانڪار آهن) تقرير کان پوءِ هوءَ دادِ تحسين وصول ڪرَي پنھنجي نئين ماڊل جِي چمڪندڙ ڪار ۾ چڙھِي گهر ڏانھن رواني ٿيندي آهي. شھر جي مصروف چوڪ تي جڏهن سندس ڪار اچي بيھندي آهي تہ ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پاتل ڪا عورت پنھنجي ننگَي ۽ هڙٻاٽيون نڪتل ٻار کي ڪڇ تي کڻِي سندس ڪار وٽ اچي پنھنجي هڏائين آڱر سان ڪار جي بند شيشي تي دستڪ ڏيئي ڪارڙو ڪوجهو هٿ ٽنگيندي آه