شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيھون


شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تشبيھون ۽ استعارا


شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري رخ جي اونھائيء تہ بلاشڪ اپرمپار آهي، پر ان جي لساني پھلوءَ جي رنگارنگي، ٻوليءَ جي مھارت، اسلوب جي رڱاوت ۽ لفظي چٽساليءَ جو بہ ڪو جواب ڪونھي. پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن، استعارن ۽  تشبيھن کي جنھن ﮬﻨﺮﻣﻨﺪﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺷﺎﮪ ﻟﻄﻴﻒ پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آندو آهي، اهو انسان جي شاعراڻي ڏات ۽ ڏاھپ جو ڪمال آهي

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي پنھنجي هڪ مضمون "شاھ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ڪﻼﻡ ۾ ﺍﺻﻄﻼﺡ ۽ ﭘﮭﺎڪا" ۾ لکيو آهي تہ  "ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﻻﺀِ ﻣﺤﺎﻭﺭا ﻳﺎ ﺍﺻﻄﻼﺡ ﮬﺮﻭﭜﺮﻭ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﻧﺎﮬﻦ، ﭘﺮ ﮬڪ ﺷﻌﻮﺭﻱ ﻗﻠﻤڪﺎﺭ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﺗﺰ ۽ ﻋﻤﺪﻭ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ، ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺯﻳﺒﺎﺋﺘﻮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﭤﻮ . ﺷﺎﮪ ﺳﺎﺋﻴﻦﺀَ ﺑﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ . ﮬﻦ ﺍﺻﻄﻼﺣﻦ ۽ ﭘﮭﺎڪﻦ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﺯﺑﺎﻥ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺷﺎﮬﻮڪﺎﺭ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺁﮬﻲ، ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﻮﻧﮭﻦ ۽ ﺳﮕﮫ ﻋﻄﺎ ڪﺌﻲ ﺁﮬﻲ . ﺷﺎﮪ ﻟﻄﻴﻒ ﻋﺮﺑﻲ، ﻓﺎﺭﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﺷﻨﺎﺱ ﺭﮐﻨﺪﻱ ﺑﻪ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺋﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ  . ﺷﺎﮪ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ڪﻼﻡ ۾ ﻣﺤﺎﻭﺭﻥ ۽ ﺍﺻﻄﻼﺣﻦ ﺟﻮ ڪﺎﻓﻲ ﻣﺎﮬﺮﻳﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ، ڪﻼﻡ ﮐﻲ ﻧﻴﻮﻥ ﻧﻴﻮﻥ ﻣﻌﻨﺎﺋﻮﻥ ﻋﻄﺎ ڪﻴﻮﻥ ﺁﮬﻦ.

ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ:
"ﺷﺎﮪ ﺟﺎ ﮐﻮڙ ﭔﻮﻝ ﺳﻨﮅ - ﮬﻨﺪ ﺟﻲ ﭘڙﮬﻴﻞ ﺧﻮﺍﮪ ﺍﮠ - ﭘڙﮬﻴﻞ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ ﺁﮬﻦ، ﮀﻮ ﺗﻪ ﺍﮬﻲ ﺳﮅﻱ - ﺳﻨﻮﺍٽﻲ ۽ ﺳﭕﺎﺟﮭﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﭼﻴﻞ ﺁﮬﻦ . ﮬﻦ ﻋﻮﺍﻡ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﺪﻥ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﮘﺎﻟﮭﺎﻳﻮ ﺁﮬﻲ . ﺷﺎﮪ ﺟﻲ ڪﻼﻡ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﺎﻡ ﻣﺎﮢﮭﻦ، ﻣﺰﻭﺭﻥ، ﮬﺎﺭﻳﻦ، ڪڙﻣﻴﻦ، ﮄوﭔﻴﻦ، ﻣﮭﺎﮢﻦ، ﺭﺍﺯﻥ، ﻭﺍﮂﻥ، ڪﻨﭝﺎﺭﻥ ڌراڙن ﺟﻲ ﺟﻴڪﺎ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ، ﺳﺎ ﺑﻠڪﻞ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺁﮬﻲ . ﮬﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﮐﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ﮬﻮ . ﮬﻦ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻲ ﺍﺣﺴﺎﺳﻦ، ﺍﻣﻨﮕﻦ، ﺟﺬﺑﻦ، ﺣﺴﺮﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﮬﻢ - ﺷﺮﻳڪ ﭤﻲ، ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ ﺍﻇﮭﺎﺭ ڏﻧﻮ . ﮬﻦ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ﮄڙڪﻦ ﮐﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻭﺍﮢﻲ ڏﻧﻲ

اسان هن مضمون ۾ ڪوشش ڪري شاھ لطيف جي شاعري مان اھڙين سٽن کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪيو آهي، جن ۾ استعارن ۽ تشبيھن جو استعمال ٿيل آهي. جنھن لاءِ اسان ڊاڪٽر فھميده حسين جي هڪ تحقيقي مقالي تان مدد ورتي آهي.

هتي اهڙين شين جي پيش ڪرڻ جو مقصد شاھ لطيف بابت ڄاڻ تائين پڙھندڙن جي پھچ کي آسان بنائڻ آهي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾
استعمال ٿيل تشبيھون ۽ استعارا:
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
چنڊ تنھنجي ذات، پاڙیان تان نہ پرين سين
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجھرا
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جھڙا پانن پن، تھڙيون شالون مٿن سائيون
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جيئن مَينھن ڪُنڍيءَ پور، تيئن دوس وراڪو دل سين
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ڪرھا ٿيا قزاق
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪَوڙا ٿين نہ ڪڏھن
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڀئونر ڀرون ڀالا
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
تارا تراريون
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
نيزا نيڻ پرينءَ جا
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
سون ورنيون سوڍيون
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
اکڙين ۾ الماس
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪڙو منجهہ ڪڙَي، جيئن لُھار لپيٽيو
منھجو جِيءُ جڙَي، سپيريان سوگهو ڪيو
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
نوَ نيئر پائي، جان مون هينئڙو جهليو
وئڙو ڇنائي، پوئين رات پرينءَ ڏي
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
مون کي ماءُ مجاج، پِڃاري جيئن پِڃيو
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
نھائينءَ کان نينھن، سک منھنجا سپرين
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
پاڇاھي نہ پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
مر لڳي لُوھ، ٿر ٻاٻيھو ٿي مران
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
سون ساريڪا هٿڙا
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جي تتو تن تنور جئن، ته ڇنڊي ساڻ ڇماءِ
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
هٿ ڪاتي ڳُڙ وات، پڇڻ پر پرين جي
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪڪر منجھ ڪپار، جُهڙ نيڻئون نه لھي
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
سڄڻ سانوڻ مِينهنءَ جئن، جھڻڪن پاسي جھوڪ
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڏونگر تن اندر تيئن، وهَي، جئن وڻ وڍي واڍو
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
تو جو ڀانيو هار، سو سورن جو سڱرو
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
کٿي کنھنبن کان، سکر ٿي ڀائيان
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
کٿيون جھڙيون کير
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
پکن جي پريت، ماڙيَن سِين نہ مَٽيان
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
لڳي اتر واءُ، ڪنجهر هندورو ٿئَي
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڏاڙھي رت رتياس، ڏند تہ ڏاڙھونءَ گل جئن
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جھڙو تون سڀ ڄمار، تھڙو دم دوست جو
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
پيشانيءَ ۾ پرين جي، ڀلائيءَ جا ڀير
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪارا ڪڪر ڪيس
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪري لال لبيس
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
جھڙي لالي لاک جي، تھڙي سارنگ سٽ
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
ايئن سي اٻن انگيا جئن سي چنيء چِٽ
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
هي ماڻڪن جي وڏي ڍڳ منجهان رڳو هڪڙي مُٺ ڀري ڪجهہ مثال ڏنا ويا آهن، نہ تہ شاھ جي شاعري اهڙن موتين جو اڻکٽ خزانو آهي.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

"کرانچی ہمارا" اور "مرسوں مرسوں" کے شور میں دبی یہ آواز.... ذرا سی توجہ چاہتی ہے.

Gates Foundation, Wuhan Lab and WHO hacked. کروناوائرس: اصل حقیقت آخر ہے کیا

بجٹ اور ﺳﺮﮐﺎﺭﯼ ﻣﻼﺯﻣﯿﻦ  کی ﺗﻨﺨﻮﺍﮦ ﻣﯿﮟ ﺍﺿﺎﻓﮧ