اي وقت جا حاڪمو.. (عيد جي حوالي سان اصغر مھرائيءَ جو نثري نظم


نثري نظم
وقت جا حاڪمو
اوهين بہ هاڻ ڄاڻي وٺو..

اصغر مھرائي
ـــــــــــــــــــــــــــــ

اي وقت جا حاڪمو!
منهنجي امير سنڌ جا مسڪين ماروئڙا
ڀلا ڪهڙيون عيدون ڪندا
جنهن جا ٻچڙا
پيڙائن ۾ پيھجي
زندگي جا ڏينهن بسر ڪندا هجن،
جنهن جي لبن جون مرڪون
مرجهائجي ويون هجن،
جنهن کي کِل جي
ڪا ئي خبر نہ هجي
تہ سندن ٽهڪ
ڪيڏا نه قيمتي هوندا آهن!؟
جن سان دلين کي
دلاسا ملندا هجن،
۽ خوشي واري کِل
محبتن جا مچ ٻاري ڇڏيندي هجي
تہ زندگي ڪيڏي نہ حسين آهي....
پر سندن مرڪون
مهراڻ جي موجن جيان موڪلائي ويون هجن!
جنھن جا ننڍپڻ جا وڏا خواب
ڏسڻ کان اڳ ئي
بکن ختم ڪري ڇڏيا هجن،
جن جي بدن تي
چَتيون لڳل لڳڙا
اوهان جي منھن تي
چماٽ هڻندا هجن،
تہ اوهان جا لکن جا ويس
اوهان جي لکن جي
سينٽن عطرن کان
اسان جون اڻ پوريون خوشيون
۽ اوهان جي انسان هئڻ تي
شرمسار هونديون آهن...

اسان جي لڙڪن جون قيمتون
اوهان کي ڪهڙي خبر
تہ ڪيتريون هونديون آهن،
اسان ڌرتي ڌڻي
قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي بہ
سکن لاءِ سڪندَي
ڪيئن پنھنجي جيءَ کي
جياري رهيا آهيون؟

اي وقت جا حڪمرانو!
اوهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ
عيد ڪهڙي ٿيندي آهي؟
ڪٿي ٿيندي آهي؟
۽ ڪيئن ٿيندي آهي...؟

اچو تہ سڳوري ڏينھن
مسڪينن جي گهرن ۾ ايندڙ
اوهان کي اها عيد ڏيکاريون،
جيڪا صبح اچي
صدين جا سور کڻي
دستخط ڏيندي آهي
ته اڄ آئون سال کان پوءِ
وري آئي آهيان،
تہ اهي ماروئڙا سِڪايل بُکايل نيڻ کڻي
ڪيئن سندس آڌر ڀاءُ ڪن ٿا،
تہ اسان به اڄ عيد ڪنداسين...

جي اوهان کي عيد ڏسڻي آهي،
ته پنھنجا عيش آرام ڦٽائي اچي
خوشين لاءِ ترسندڙ
اهي ديس ڌڻي ڏسي وڃو
جيڪي عيد ڏسڻ لاءِ
اکيون وڇائي ويٺا هجن
تہ عيد ڪيئن ٿيندي؟

وقت
اوهان کان اهو سوال
بار بار ورجائي ٿو تہ
اوهان تہ پنهنجا پيٽ
ڀرڻ لا اقتدار ۾ اچو ٿا
۽ وقت پورو ڪري
هليا وڃو ٿا،
پر اها عيد ڪڏهن ايندي
جنھن جو اوسيئڙو اسان کي
صدين کان آهي!؟

ڄاڻون ٿا اي حڪمرانو!
اسان جون عيدون بہ
ماتامن ۾ ويڙھجي اينديون آهن
۽ اوهان جو هر سج
عيد بنجي اڀرندو
۽ جشن  بنجي اُلھندو آهي....
اهو بہ ڄاڻون ٿا
تہ اوهان جي گاڏين جا ڦيٿا
اسان جي ڳوٺن جي ڪچن رستن تي
رڳو اليڪشن جي عيد تي
ڌوڙ اڏائڻ ايندا آهن....
پر اوهين بہ هاڻ ڄاڻي وٺو
تہ اسين بہ هاڻ ڄاڻي چڪا آهين...

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

"کرانچی ہمارا" اور "مرسوں مرسوں" کے شور میں دبی یہ آواز.... ذرا سی توجہ چاہتی ہے.

Gates Foundation, Wuhan Lab and WHO hacked. کروناوائرس: اصل حقیقت آخر ہے کیا

بجٹ اور ﺳﺮﮐﺎﺭﯼ ﻣﻼﺯﻣﯿﻦ  کی ﺗﻨﺨﻮﺍﮦ ﻣﯿﮟ ﺍﺿﺎﻓﮧ